شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد نم کبڙ وٽ چيڪنگ دوران پوليس ۽ ڦورن ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو،صدر پوليس چوڪي انچارج اھلڪار اسدالله پھوڙ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جڏھن ته ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، زخمي اھلڪار کي آر بي يو ٽي سول اسپتال پھچايو ويو، جتي سھولتون نه ھجڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور شيراز نذير ٻڌايو ته پوليس ڪانسٽيبل کي زخمي ڪندڙ هٿياربندن کي لڪڻ جي ڪابه جاءِ نه ملندي کين هر قيمت تي گرفتار ڪري منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.