گڊو: ٿرمل پاور ھائوس ۾ مبينا ڪرپشن، ايف آءِ پاران رڪارڊ طلب

0
155
ايف آءِ اي محسن بيگ

گڊو(ن پ ا) سکر جي ايف آءِ اي ٽيم گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي مختلف اسڪيمن جي جاچ لاءِ پھچي وئي، ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم جو ڊپٽي مئنيجر سول کان ٺيڪن ۽ اسڪيمن جو رڪارڊ طلب ڪيو، ٽيم مختلف ٺيڪن ۽ اسڪيمن جو رڪارڊ موجود نه ھئڻ تي ڊپٽي مئنيجر سول عارف سھتو تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، جڏهن ته ايف آءِ اي ٽيم چيف سيڪورٽي ميجر (ر) مدثر عالم بيگ کي به جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اھم دستاويز ۽ رڪارڊ غائب ٿيڻ تي ايف آءِ اي جي ٽيم سول ڊپٽي مئنيجر ۽ چيف سيڪورٽي انچارج کان ھڪ ھفتي جي مھلت بعد ٻيھر انڪوائري ڪندي جڏھن ته چيف سيڪورٽي مدثر عالم بيگ جي عھدي بابت سوال به اٿاريا ويا آھن.