گمبٽ: عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ٻه نوجوان بازياب نه ٿيا

0
198
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

گمبٽ(ن پ ا)13 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ڳوٺ قائم الدين واسي ٻن مغوين کي شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، مغوين جي وارثن سان ڌاڙيلن جو فون وسيلي رابطو، ٻن ڏينهن ۾ 10 لک روپيا ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نسيم ۽ رفيق ڪلهوڙو کي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ڌاڙيلن پاران وارثن کي اطلاع ڏنو ويو ته نسيم ڪلهوڙو جي طبيعت خراب آهي، دل جي تڪليف سبب ڳالهائي نٿو سگهي، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي پيارن جي بازيابي لاءِ پوليس ڪابه مدد نه پئي ڪري، ايس ايس پي خيرپور مدد ڪرڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اسان غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻيون جو ڌاڙيلن کي ڏيون، پوليس به مدد نه پئي ڪري گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.