ڪراچي: شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ رڪشا ڊرائيور گرفتار

0
302

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ رڪشا ڊرائيور گرفتار، بغدادي پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار وسيم عثمان کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شاگردياڻي رامين ڌي شکيل احمد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 13 جون تي رامين پنھنجي گھر کان رڪشا ۾ سوار ٿي يونيورسٽي وڃي رھي ھئي، ڊرائيور ابوڪٿيان روڊ وٽ رڪشا بيھاري ھٿيار جي زور تي شاگردياڻي کان موبائيل فون ڦري ڇوڪري کي نامعلوم ھنڌ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن رڪشا مان ٽپو ڏنو ۽ روڊ تي ڪرڻ سبب رامين زخمي ٿي پئي، پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان ھٿيار، رڪشا ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو آهي، سندس ڪرمنل رڪارڊ به موجود آھي.