احمدپور واسي نوجوان 10 لک ڀُنگ ڀري آزاد

0
203

احمدپور(ن پ ا) احمدپور جو مغوي 2 مھينن کان پوءِ ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي ويو، ڳوٺ ننڊا پھنيار جو نوجوان محمدنواز پھنيار کي دوستن فون ڪري شڪارپور جي خانپور واري علائقي ۾ تتر وٺي ڏيڻ بھاني گھرائي بنگلاڻي برادري جي ڏوھارين کيس اغوا ڪيو ھو، مغوي جي سئوٽ ٻڌايو ته ٻه مھينا اڳ سئوٽ محمدنواز پنھيار کي جعفري برادري جي دوست فون ڪري تتر وٺي ڏيڻ بھاني خانپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ۾ گھرايو ھو جتان سندس ڌاڙيل غازي بنگلاڻي اغو ڪري قيد ڪيو ھو، 10 لک روپيه ڀنگ ڀري سئوٽ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو آھي جيڪو ناپر ڪوٽ پوليس وٽ تحويل ۾ آھي اڃا تائين گھر پھچي نه سگھيو.