ڪشمور (رپورٽر) واپڊا گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي 340 ملازمن کي جبري سرپلس ڪرڻ، ڪورٽ جي اسٽي آڊر باوجود ملازمن کي عھدن تي واپس نه وٺڻ ۽ پگھارون جاري نه ڪرڻ خلاف يونين جي سڏ تي سوين ملازمن اي ڊي مستوئي، خادم بوھڙ، َنياز سومرو، شمس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينھن به سي اي او آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي سي اي او آفيس جو گهيراءُ ڪيو، بعد ۾ گڊو ٿرمل پاور ھائوس جو سي اي او صبيا الزمان فاروقي ڌرني ۾ پهتو، جنهن يونين اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون جيڪي ڪامياب ويون، سي اي او اعلان ڪيو ته 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي آھي، جنھن ۾ چيف ايچ آر اعجاز احمد، سي ٽي ڊي آصف رضوي ۽ سيڪيورٽي انچارج ڪيپٽن مدثر بيگ شامل آھن، جيڪي ملازمن جا جائر مسئلا حل ڪندا. هن خاطري ڪرائي ته ملازمن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو.