سنجهورو ( ن پ ا ) سنجهوري شھر ٻاهران وونئڻن جي فصل مان مال تڙڻ تي سنجهوري شھر ۾ ويٺل جماعتي شيخن ۽ زميندار انور خان مري جي زمين ڪاهيندڙ ڀيلن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڪهاڙين جا پها ۽ لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀيل برادري جي زخمين ۾ چنو ڀيل، سردارو ڀيل ۽ ڪيول ڀيل، جڏهن ته جماعتي شيخن مان فرمان شيخ، مير محمد شيخ ۽ غلام مرتضيٰ زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ تعلقي سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪيو ويو جتان بعد ۾ کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. جڏهن ته ڀيل برادري جي عورتن ۽ مردن حملي ۾ ملوث شيخ برادري جي مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنجهوري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته جماعتي شيخن جو مال فصل ۾ پيو ته اسان اهو مال تڙي ڪڍيو ٿوري دير کانپوءِ شيخ برادري جا ڪجهه ماڻھو ڪهاڙين، کھيڙا ۽ لٺيون کڻي آيا ۽ اسان جي مردن مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ اسان عورتن کي پڻ ڌڪا ڏنا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته تشدد ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن سنجهورو پوليس ٻنهي ڌرين طرفان 10 ماڻھن تي اين سي داخل ڪري ڇڏي آھي.