سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي اختيارين خلاف شاگردن کان پوءِ ايمپلائيز جو به احتجاج، ايمپلائيز يونين طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو۔ ان ڏس ۾ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر قلندر بخش بوزدار، محمد اسلم گهمرو، طفيل منگي، رجب علي چانڊيو، عبدالرحيم چانڊيو ۽ غلام سرور خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته وي سي عيد کان اڳ ملازمن جي فوتي ڪوٽا لاءِ واعدو ڪيو هو ته عيد کان پوءِ فوتي ڪوٽا جا آرڊر ڏنا ويندا پر بدقمستيءَ سان اهي واعدا پورا نه ٿيا. هنن چيو ته سنڌ جي سمورين يونيورسٽين پنهنجي ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏئي ڇڏي آهي پر اسان کي فقط آسرن ۾ رهايو پيو وڃي. اسان ملازمن جي حقن خاطر قانوني حق رکندي احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو آهي فوتي ملازمن جي اولاد کي فوتي ڪوٽا تحت آرڊر ڏيڻ، ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏيڻ، ايڊهاڪ ملازمن کي پڪو ڪرڻ سميت ملازمن سان درپيش سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن، مسئلا حل ٿيڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.