ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب شھر ۽ ڀرپاسي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو. 18 ڪلاڪ بجلي جو بريڪ ڊائون، عوام سخت پريشان. شھرين لعل خان شر، علي خان مري، معشوق علي، اصغر علي شر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته حيسڪو عملدار عوام کي ھٿ سان پريشان ڪري رھيا آھن. جڏھن ته لوڊشيڊنگ جو ڪوبه اعلان ناھي ٿيل پر ڄام صاحب شھر ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار ٿي ويو آھي. شديد گرمي ۾ روزانو 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ھئڻ ڪري شھري سخت پريشان ۽ شھر ۾ بجلي تي ھلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، بجلي تي ڪاروبار ڪندڙ لوھر مزدور سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. بجلي تي ويلڊنگ جو ڪاروبار ڪندڙ مزدرور فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن ۽ بجلي روزانو 18 ڪلاڪ بند ھئڻ ڪري بجلي جا بل ٻيڻا پيا اچن. هنن واپڊا جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.