مدئجي (ن پ ا) “مسجد مان ڇو لنگهين وئين؟” مدئجي ڀرسان ڳوٺ جندوديرو ۾ مسجد مان گذرڻ تان مدرسي ۾ ٻارن کي پڙهائيندڙ مولوي برڪت ڀٽو 7 ورهين جي نينگر سرفراز ڪنڀر کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ متاثر نينگر جي والد ڪريم بخش ڪنڀر ڄاڻايل مولوي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس معصوم پٽ کي مسجد جي پلاٽ مان گذرڻ تان مولوي کٿابين کان پڪڙائڻ بعد وات ٻڌي لٺين سان ماريو، جنهن سبب سندس جسم تي نشان ٺهي ويا آهن، هن ٻڌايو ته دانهڻ باوجود پوليس ڪارروائي ناهي ڪئي. هن اعليٰ اختيارين کي معاملي جو نوٽيس وٺي مولوي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.