لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ لوڊو ڪلهوڙو جو رهواسي 15 ورهين جو نينگر شعيب ڪلهوڙو پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويو، نينگر کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. وارثن سهيل ڪلهوڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته نينگر شعيب ڪلهوڙو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ مال کي وهنجاري رهيو هو ته ٻڏي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي کڏ مان ڪڍي اسپتال آندوسين، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جو ٻڌايو. فوتي نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.