گڊو (ن پ ا) گڊو ويجھو روڊ حادثو، 2 ايف سي اهلڪار فوت، ڊرائيور زخمي. خبر موجب پنجاب جي علائقي روجھاڻ مزاري لڳ شمن آباد انڊس ھاءِ وي تي ايف سي اھلڪارن جي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري سامھون ايندڙ گيس ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ايف سي اھلڪار برڪت ۽ انيس ٿڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪار ڊرائيور سبزل سخت زخمي ٿي پيو. فوت ٿيلن جا لاش روجھان شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، معلوم ٿيو آھي ته عيد جون موڪلون پوريون ڪري ٻئي ايف سي اھلڪار پنجاب کان سوئي بلوچستان ڏانھن ڊيوٽي تي وڃي رھيا ھئا ته حادثو ٿيو.