گڊو(ن پ ا) ملڪ ۾ مون سون جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي سبب گڊو بئراج  ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 48 هزار 480 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 20 هزار 178 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بي ايس فيڊر تي به پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ ڪري بند کي درياءَ جو پاڻي پائي رهيو آهي، سال اڳ به انهيءَ هنڌ وٽان بند کي پاڻي پائي رهيو هيو ته آبپاشي کاتي جي عملي بند تي ڪم ڪري ٽٽڻ کان بچايو هو، پاڻيءُ جو دٻاءُ وڌڻ سبب ساڳي جاءِ وٽان بند ڪمزور ٿي رهيو آهي،جنهن ڪري بند ٽٽڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، ٻي پاسي سنڌ سرڪار پاران برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري آبپاشي کاتي جي ملازمن توڙي آفيسرن جون موڪلون بند ڪيون آهن ان باوجود به ايريگيشن جي آفيسن کي تالا لڳل آهن، آبپاشي کاتي جي گڊو بئراج جي آفيسن ۾ ڪو به آفيسر ويهڻ لاءِ تيار ناهي، آفيسن ۾ سيڪيورٽي گارڊ  ۽ بيلدار موجود آهن، جڏهن ته بي ايس فيڊر ڪينال جي ڪنارن تي  فصل پوکيل آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي بي ايس فيڊر ڪينال ۽ گڊو بئراج جي بندن کي مضبوط ڪيو وڃي، پر عمل نه ٿيو. عملي ۽ آفيسرن جي حاضري کي به يقيني بڻايو وڃي.