بيجنگ (م ڊ) چين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر  نينسي پلوسي تائيوان جو دورو ڪيو ته ان جا سخت سياسي نتيجا نڪرندا. آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پلوسي 4 ايشيائي ملڪن جي دوري تي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هوءَ ڪالهه سنگاپور پهتي، سندس دوري ۾ تائيوان شامل ناهي پر آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نينسي پيلوسي تائيوان جو به دورو ڪندي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نينسي پيلوسي جي تائيوان جي دوري جي خبر تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر تائيوان جو دورو ڪيو ته چيني فوج خاموش نه ويهندي. ياد رهي ته چين ۽ آمريڪا اڳ به تائيوان جي معاملي تي هڪ ٻئي جي سامهون اچي چڪا آهن، آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته جيڪڏهن چين تائيوان تي حملو ڪيو ته هر صورت ۾ تائيوان جو دفاع ڪنداسين، جڏهن ته چيني صدر شي جن پنگ هن چيو ته هو تائيوان جي علحدگيءَ کي روڪڻ لاءِ انتهائي حد تائين ويندا.