ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ واقع غازي ڳوٺ بلاڪ اي کي ڊاهڻ لاءِ ڪيل آپريشن ۽ ڳوٺاڻن تي تشدد ۽ شيلنگ وارو معاملي ۾ ڊي سي اوڀر طرفان ذميوار قرار ڏنل بااثر ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض کي بچايو ويو، جسقم طرفان احتجاج، سنڌياڻي تحريڪ به غازي ڳوٺ پهچي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڊپٽي ڪمشنر اوڀر راجا طارق چانڊيو  جي ابتدائي رپورٽ ۾ ذميوار قرار ڏنل بااثر ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض کي بچايو ويو، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي رپورٽ باوجود ڄاڻايل ڊي ايس پي سهيل فيض خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي، ڪراچي پوليس جي اختيارين سهيل فيض بدران ڊي ايس پي سچل کي معطل ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر طرفان چيف سيڪريٽري سنڌ کي اماڻيل ابتدائي رپورٽ جي ڪاپي پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتي. رپورٽ موجب حددخلين خلاف آپريشن جو شيڊيول  اي سي ۽ مختيار ڪار  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سان ملي جاري ڪرايو، انهي شيڊيول کي ڳجهو رکيو ويو، ايستائين جو ڊي سي  کان آپريشن جي اجازت به نه ورتي وئي، پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس پاڻمرادو آپريشن ڪيو، جنهن جي ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي روڊ بلاڪ ڪيو، انهي ڪري امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويو، رپورٽ موجب  غازي ڳوٺ آپريشن کي ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض ۽ ايس ايچ او سچل اورنگزيب خٽڪ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي انچارج ليڊ ڪيو، آپريشن دوران روينيو کاتي جو ڪو به آفيسر موجود نه هو، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر جي رويي ۽ سندس ڪرپشن سبب هن اڳ ۾ به اعليٰ اختيارين کي بدلي لاءِ لکيو پر ڪا ڪارروائي نه ٿي، ڊپٽي ڪمشنر جي اهڙي رپورٽ باوجود ڊي ايس پي سهيل فيض خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي. هوڏانهن جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو، عرفان عالماڻي ۽ ٻين غازي ڳوٺ پهچي پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪندڙ  ۽ پوليس تشدد برداشت ڪندڙ  نياڻين کي اجرڪ اوڍايا، هنن سندن مٿي تي هٿ رکي سندن همت ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسين شهيد بشير خان قريشي جا سپاهي ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جا پوئلڳ آهيون، پنهنجي حقن تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين. ٻئي طرف سنڌياڻي تحريڪ جي وفد پرهه سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ غازي ڳوٺ پهچي جدوجھد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو.