ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) صحت کاتي پاران گوسڙو ڊاڪٽرن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو، 89 ڊاڪٽرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ صحت کاتي   ۾ ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود سوين ڊاڪٽر مسلسل نوڪرين تان غائب آهن، صحت کاتي پاران گوسڙو ڊاڪٽرن کي ڊيوٽين تي حاضر ٿيڻ لاءِ اڳ ۾ به نوٽيس موڪليا ويا آهن، انهي باوجود گوسڙو ڊاڪٽر ڊيوٽين تي ناهن آيا، جنهن بعد صحت کاتي پاران گوسڙو ڊاڪٽرن کي رولز موجب مرحليوار برطرف ڪرڻ تي به غور شروع ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن صحت کاتي جي سيڪريٽري ذوالفقار شاهه صوبي جي مختلف ضلعن جي 17هين گريڊ جي 89 ميل ۽ فيميل ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس اماڻي کين پابند ڪيو آهي ته اهي ٽن ڏينهن اندر نوڪرين تي حاضر ٿي شوڪاز نوٽيسن جو جواب ڏين، ٻي صورت ۾ کين رولز تحت برطرف ڪيو ويندو. ان حوالي سان ٺٽي جي بي ايڇ يو گنجڙي جي ڊاڪٽر ڀيشم ڪمار،  پوليس سروسز اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالله خان،  مورو اسپتال جي محمد هارون،  حيدرآباد جي ڪوثر اسپتال جي ڊاڪٽر سهيل،  سول اسپتال نوشهروفيروز جي ڊاڪٽر پرويز احمد،  سول اسپتال ڪراچي جي محمد اسد،  ڊاڪٽر سميع خان،  پوليس ڊسپينسري بدين جي عبدالله،  آر ايڇ سي ڀان سيد آباد جي ڊاڪٽر صغير حسين،  هالا اسپتال جي وجاهت بڙدي،  ٿرپارڪر جي ڊاڪٽر پرديپ،  صدر اسپتال ڪراچي جي شفيعه ميمڻ،  آر ايڇ سي جهرڪ جي ڊاڪٽر ثنا فاطمه،  حيدرآباد لطيف آباد جي ڊاڪٽر ڪرن،  هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جي ڊاڪٽر ارم قاضي، ٿرڙي محبت جي ڊاڪٽر سدره، لمس حيدرآباد جي ڊاڪٽر ارم، ڊي ايچ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جي ڊاڪٽر رقيه، ڪنول شبير،  ڊاڪٽر روحم، فرزانه  شاهين،  ثمينه لاکو،  فرحانه کرل،  تبسم ناز،  زاهده پروين،  صائمه سنڌو،  ثمرين لاکو،  مريم تنيو،  نبيلا،  ناديه ، حرا،  ڊاڪٽر انعم،  ڊاڪٽر پونم،  ڊاڪٽر ڪرشما،  ڊاڪٽر برکا،  ڊاڪٽر لڇمي، ڊاڪٽر پوجا،  ڊاڪٽر ڪرن،  ڊاڪٽر ونيشا، ڊاڪٽر حميده،  ڊاڪٽر گيتا،  ڊاڪٽر پريا ٻائي،  ڊاڪٽر اثمه عاشق،  ڊاڪٽر مومنه،  ڊاڪٽر پشمينه گل ۽ ڊاڪٽر ڪومل ڪماري سميت 89 وومين ميڊيڪل آفيسرن ۽ ميڊيڪل آفيسرن کي شوڪاز اماڻيو ويو آهي.