لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تازو پيل طوفاني برساتن کان پوءِ پوري ضلعي ۾ مليريا تيزيءَ سان پکڙجي وئي،  ڪراچيءَ کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مليريا جي مريضن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ متاثرن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سامهون آيا، جڏهن ته ڊويزنل سطح تي به ڪراچي کانپوءِ لاڙڪاڻي ڊويزن سڄي سنڌ ۾ مليريا ڦهلائڻ ۾ ٻئي نمبر رهيو. ان حوالي سان صحت کاتي پاران مليريا جي مجموعي پازيٽو ڪيسن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب ڪراچي کانپوءِ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مليريا جا 1803 ڪيس رپورٽ ٿيا، اهڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2194 ماڻهن جي ٽيسٽن مان 970 ڪيس پازيٽو آيا، شڪارپور ضلعي ۾ 940 ٽيسٽن مان 230  پازيٽو آيا، جيڪب آباد ضلعي ۾ 550 ٽيسٽن مان 397 پازيٽو آيا، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ 418 ماڻهن جي ٽيسٽن مان 139 پازيٽو آيا ۽ ڊويزن ۾ سڀ کان گهٽ پازيٽو ڪيس ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 360 ٽيسٽن مان 67 پازيٽو ڪيس سامهون آيا. انگ اکرن موجب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مليريا جي مرض سبب ٻارڙا وڏي انگ ۾ متاثر ٿيا آهن.شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پوري ضلعي ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي وڃي جيئن مليريا جي مرض جو خاتمو ٿي سگهي.