ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت پي ٽي آءِ کان الڳ ٿيندڙ  ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سندس گهر ٻاهران احتجاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 2 ايم پي ايز سعيد آفريدي ۽ شاهنواز جدون تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار تي عدالت جاچ آفيسر ۽ شاهدن کي 11 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ايم پي ايز سعيد آفريدي، شاهنواز جدون ۽ ڪارڪنن 21 مارچ تي ڊاڪٽر رميش ڪمار جي رهائشگاهه ٻاهران احتجاج ڪيوهو، واضح ر هي ته ڪيس ۾ نامزد ٻئي ايم پي اي ضمانت تي آزاد  ٿيل آهن.