ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جي قافلي ۾شامل سيڪيورٽي اهلڪارن جي گاڏي سان حادثو، 2 اهلڪار زخمي، پوليس موجب شاهين بخاري سگنل وٽ ٽرن وٺڻ دوران سيڪيورٽي گاڏي پرائيويٽ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي گاڏي مان 2 پوليس اهلڪار هيٺ ڪري زخمي ٿي پيا، زخمي اهلڪارن ۾  42 ورهين جو ڪانسٽيبل وقاص ۽ 32 ورهين جو نعيم شامل آهن، جن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. گورنر ڪامران  ٽسوري جناح اسپتال پهچي ٻنهي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي