جيڪب آباد: 2 سال اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهارين محمد شير جکراڻي ۽ بختيار جکراڻي جي وارثن واقعي کان پوءِ الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن کانپوءِ الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار پنهنجي خاندان سميت گهر ڇڏي فرار ٿي ويا هئا الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن راڄوڻي لاءِ اڳ به ڪيترائي ڀيرا ميڙ منٿ قافلا ڏوهارين جي وارثن ڏانھن ٺاهه لاءِ موڪليا هئا پر ڏوهارين ٺاھه کان صاف انڪار ڪيو هو ڪالهه مارجي ويل ڏوهارين جي قتل جو جرڳو ٿيو جنهن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن مٿان ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.