نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) آمريڪا ۾ هڪ سياحتي بلاگر 8 ڪلاڪ 54 منٽن ۾ گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي جون سموريون ميٽرو اسٽيشنز گهمي گنيز عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب لوڪس وال نالي شخص اربع ڏينهن واشنگٽن ميٽرو پوليٽن ايريا ٽرانزٽ اٿارٽي جي سِلور لائن سروس جون سموريون اسٽيشنز گهٽ وقت ۾ گهمڻ جو رڪارڊ ٺاهڻ جو چئلينج کنيو. لوڪس وال پنهنجي سفر جي شروعات نيو ايشبرن اسٽيشن تان ڪئي جنهن جي پڄاڻي 8 ڪلاڪ 54 منٽن کانپوءِ هنٽنگٽن اسٽيشن تي ڪل 97 اسٽيشنز گهمڻ کانپوءِ ٿي. گنيز ورلڊ رڪارڊ جو چوڻ آهي ته لوڪس وال جو وقت گذريل قائم ڪيل رڪارڊ کان تقريبن هڪ ڪلاڪ وڌيڪ هو. ڊسمبر 2019ع ۾ اسڪاٽ بينيٽ اهڙو رڪارڊ 7 ڪلاڪ 59 منٽن ۾ ٺاهيو هو پر تڏهن کان هن وقت تائين ميٽرو ۾ 6 اسٽيشنز جو اضافو ٿي چڪو آهي.