لاهور(انٽرسٽنگ نيوز) سياحت جو جنون رکندڙ پاڪستاني شهري ذوالفقار علي 27 ڏينهن ۾ موٽرسائيڪل تي لاهور کان لنڊن تائين جو سفر طئي ڪري ڇڏيو. پنجاب صوبي جي گاديءَ واري هنڌ لاهور واسي ذوالفقار علي جيڪو برطانوي شهريت به رکندو آهي، عام موٽرسائيڪل تي لاهور کان لنڊن تائين جو سفر ڪيو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي مارننگ شو “باخبر سويرا” ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هوندي به مان موٽرسائيڪل تي اتر علائقن جو سفر ڪري چڪو آهيان، هاڻي مان لنڊن جو سفر ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته مان بلوچستان مان نڪري ايران ۽ پوءِ آذر بائيجان ويس، اتي ڪيترائي ڏينهن گذاريا، ان کانپوءِ ترڪي، بلغاريه ۽ رومانيه مان ٿيندي لنڊن پهتس. ذوالفقار علي چيو ته وڃڻ دوران مونکي 27 ڏينهن جو وقت لڳو جڏهن ته واپس لاهور اچڻ ۾ صرف 14 ڏينهن لڳا. هن ٻڌايو ته جيئن ته مان برطانوي شهريت به رکندو آهيان تنهن ڪري منهنجي برطانوي پاسپورٽ تي هر جاءِ جو ويزا آساني سان ملي ويو.