گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار جو زال ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

0
354

گھوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار پاران گهرواري ۽ ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪار لياقت جهتيال دانهيندي چيو ته سعد الله، عبدالرحمان جهتيال ۽ ٻين زمين جي تڪرار تي گهر تي حملو ڪري سندس زال عابده ۽ معصوم ڌيءَ ماجده کي اغوا ڪري ويا آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪري زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.