گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ڀرسان ڳوٺ قاضي بادل ۾ سيف جي تعاون سان قائم ڪيل مشعل ماڊل هاءِ اسڪول کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ خلاف شاگردن، استادن ۽ والدين پاران امان الله مهر، منظور احمد مهر، محمد صالح مهر، شريف مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گهوٽڪي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. استادن ۽ شاگردن جو چوڻ هو ته اسڪول کي علائقي جي وڏيري حسين بخش چاچڙ جي اوطاق ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن سان فيميل اسٽاف ۽ شاگردياڻين کي ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. هنن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ساڳي جاءِ تي بحال ڪيو وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل وڏيري حسين بخش چاچڙ ۽ اسڪول جي پارٽنر انيسا چاچڙ پريس ڪانفرنس دوران اسڪول کي اوطاق ۾ شفٽ ڪرڻ وارو الزام رد ڪندي چيو ته مظاهرين بليڪ ميلر آھن. اهي ڀتي اوڳاڙي ۽ اسڪول ۾ پنهنجا ماڻهن ڀرتي ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. اڳوڻي بلڊنگ ڳوٺاڻن پاڻ خالي ڪرائي هئي. مظاهرين مان ڪنهن به ڳوٺاڻي جو ٻار اسڪول ۾ ناهي پڙهندو ۽ کين ٻارن جي مستقبل جي ڪابه پرواهه ناهي.