رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري مان ڳوٺ وڏا ٻوسڻ ويندڙ نوجوان ڊرائيور 25 ورهين جو غلام عمر ٻوسڻ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.محمد ياسين، محمد يوسف، محمد شريف، انيس الرحمٰن ۽ عامر ٻوسڻ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته غلام عمر ٻوسڻ رتيديري جي چاندني چوڪ واري پاڙي مان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڏا ٻوسڻ ايندي گم ٿي ويو آهي، ڪٿان به ڪا ڄاڻ ملي نه سگھي آهي ۽ ان جو موبائل نمبر پڻ بند آهي.هنن چيو ته شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان اهڙي اين سي رتوديرو ۽ وارثڏنو ماڇي ٿاڻن تي پڻ داخل ڪرائي آهي، نوجوان جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.