سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس هڪ مهينو اڳ گهوٽڪيءَ مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سکر پوليس ترجمان جي هڪ پڌرائي موجب باگڙجي واري ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران مغوي شهزادو ۽ نعمت الله ڪٽپر کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ بعد سندن وارثن حوالي ڪيو ويو.  واضح هجي ته ڄاڻايل ٻنهي مغوين کي هڪ مهينو اڳ گهوٽڪي ويجهو اغوا ڪيو ويو هو.