ڄام نوازعلي (رپورٽ: امداد ڪٽوهڙ)  ميرپورخاص جي ڳوٺ علي بخش مري ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيل وشنو عرف شمبو ميگهواڙ اصل رهواسي ڳوٺ عبدالله ڪلوئي جو ٻڌايو پيو وڃي،  هن وقت ڳوٺ حمزو خان مري ۾ سندس وارث ويٺل آهن،  ڳوٺ ۾ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ عبدالله ڪلوئي کڻائي ويا، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻي طرف نوجوان شمبو ميگهواڙ جي چاچي پريم ميگهواڙ ٻڌايو ته منهنجو ڀائٽيو  ڪراچي ڪمائڻ لاءِ  ويل هو، خبر ناهي ميرپورخاص ڪئين پهتو، اسان  غريب مسڪين آهيون،  وڌيڪ اسان کي  ڪا خبر ناهي، صرف پوليس ذريعي ڪارنهن جي الزام هيٺ ڀائيٽي جي قتل ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي.