شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر پوليس اسٽيشن جي حدڳوٺ مکان حرمت ويجھو روڊ ڪناري تي لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته  بائيو ميٽرڪ ذريعي لاش جي سڃاڻپ ٿي آهي، فوتي جو نالو   عرفان بشارت صديقي آهي، فوتي پي آءِ بي ڪالوني ڪراچي جو رهواسي  آهي،  ايس ايچ او شاهپورچاڪر موجب ته وڌيڪ جاچ بعد خبر پئي ته عرفان بشارت صديقي حيدرآباد مان  ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي صلاح الدين جو سالو آهي، اطلاع تي  قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين پنهنجي گهر واري عروسه صديقي سان گڏ شاهپورچاڪر پوليس اسٽيشن پهچي  لاش وصول ڪرڻ لاءِ  درخواست ڏني، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  فوتي جي ڀيڻ عروسه چيو ته ڀاءُ عرفان صديقي  ايم ڪيو ايم جو  ڪارڪن هو، انڪري کيس 9 سيپٽمبر 2018 تي ڪراچي مان سندي گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، اڄ 5 سالن کان پوءِ منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري لاش اڇلايو ويو آهي، ٻي طرف  ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي صلاح الدين شيخ ٻڌايو ته اسان جي ڪارڪنن کي زبردستي گهرن مان کنڀڻ ۽ کين جبري گم ڪرڻ بعد قتل ڪرڻ قانون کان مٿانهون عمل آهي،  ڪيسيتائين  معصومن کي قتل ڪري اسان کي لاش ڏنا ويندا، هوڏانهن پوليس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.