گهرو وزارت ۾ بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي سان ڳالهيون، سعد رضوي به مبينا طور موجود

0
273

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزارت ۾ بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. ٽي ايل پي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳالهيون گهرو وزارت جي انتظامن هيٺ ٿي رهيون آهن ۽ انهن ۾ بندش پيل تنظيم جو سربراهه سعد رضوي به موجود آهي

ٽي ايل پي جي ترجمان موجب ڳالهيون ڪندڙ وفد ۾ علاما غلام عباس فيضي ۽ مفتي عمير الزهري به شامل آهن.  بندش پيل تنظيم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجي مطالبن تي قائم آهي، اسان جو پهرين ڏينهن کان ئي اهو مطالبو آهي ته فرانس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي کي هڪ ويڙهاڪ تنظيم طور منهن ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ رينجرز کي مقرر ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

ڪالعدم تنظيم جو احتجاج جاري، مظاھرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو، اھم رستا بند