ڪالعدم تنظيم جو احتجاج جاري، مظاھرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو، اھم رستا بند

0
211

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) ڪالعدم تنظيم کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي مظاهرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو جاري آھي، مظاهرين کي روڪڻ لاءِ چناب درياهه پُل جي ڀرسان جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويون

 اسلام آباد ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل، مظاهري سبب راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي سخت ۽ مري روڊ تي ٽرئفڪ بند بند پيل آھي، ڌرڻي سبب جي ٽي روڊ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا بند، ڪامونڪي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل بڻيل آھي

جي ٽي روڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بھ نھ کليا، ڪاموڪي ۾ انٽرنيٽ سروس بند پيل آھي، چناب درياھ پل جي ويجھو جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويون آھن ۽ ڪنٽينرز بھ رکيا ويا آھن، وزيرآباد کان سيالڪوٽ ويندڙ رستن تي کڏون کوٽي ٻنھي شھرن جو رابطو ختم ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

وفاقي سرڪار پاران پنجاب ۾ٻن مهينن لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو اعلان