گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي پراڻي مارڪيٽ ۾ پوپٽ شاهه بخاري جو قديمي عرس مبارڪ ملهايو ويو، پوپٽ شاهه بخاري جي فقير کٽڻ مل مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪري سنڌ ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ ۽ ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ خاص دعا گھري نياز و لنگر هلايو ويو، عرس ۾ مريدن عقيدتمندن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عرس ۾ شريڪ فقير کٽڻ مل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هر سال پوپٽ شاهه بخاري جو عرس ملهايو ويندو آهي.