سنڌ ۾ جتي ڪنهن به کاتي جي ڪارڪردگي ڪا اطمينان جوڳي ناهي اتي صحت جي حوالي سان ته صورتحال وڌيڪ خراب آهي رڳو ٻه ٽي شهرن ۾ ڪجهه مخصوص ادارن کي ڇڏي باقي حالت اهڙي آهي جنهن ۾ نه عوام کي ڪو فائدو ٿئي ٿو نه ئي ڪو سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهو علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏين ٿا بس صفا ڪي لاچار ۽ ٻئي پاسي جي پهچ نه رکندڙ ماڻهو ئي علاج جي آسري سرڪاري صحت مرڪزن جو رخ ڪن ٿا جتي به کين رڳو ڪڏهن قسمت سان ماهر ڊاڪٽر ملندو هوندو دوائن،ٽيسٽن يا ٻين شين جو ته خيال ئي اجايو لڳندو آهي، جنهن ڪري اها چوڻي عام آهي ته ڌڻي نه اسپتال جو منهن ڏيکاري نه ئي ڪنهن ٿاڻي جو .ڇو ته ٻنهي هنڌن تي ماڻهو هر وقت خطري ۾ رهي ٿو .
جڏهن سڄي صوبي ۾ اهڙي صورتحال هجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهن کي علاج جون سهولتون نه هجن ۽ خانگي اسپتالن جو خرچ عام ماڻهو جي برداشت کان ٻاهر هجي ته پوءِ ڪي عطائي ماڻهو عام ماڻهن جي حياتي سان لاڳاپيل پيشي ۾ گهڙي اچن ٿا، جنهن سان ماڻهن جي حياتي کي خطري ۾ وجهي پاڻ پنهنجي لاءِ ڪمائي جا ذريعا پيدا ڪن ٿا. انهي معاملي تي هڪ سروي ڪئي وئي جيڪا هيلٿ ڪيئر ڪميشن حوالي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت سوا چار لک عطائي ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن عطائي ڊاڪٽرن خلاف مهم هلائي ويندي آهي پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها مهم ماٺ ٿي ويندي آهي جنهن ڪري اهي عطائي ڊاڪٽر بنا ڪنهن ڊپ جي ڪم ڪندا رهندا آهن،انهي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2014 ع کانپوءِ انهن عطائي ڊاڪٽرن جي تعداد ۾ ٻه لک اضافو ٿيو آهي .انهن عطائي ڊاڪٽرن جي تعداد ۾ اضافي جو هڪ سبب سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ آهي جنهن ڪري عوام جي اڪثريت جيڪا سستي علاج جي چڪر انهن عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهي وڃي ٿي ۽ پوءِ غلط علاج جي ڪري پنهنجي حياتي کي خطري ۾ وجهن ٿي ۽ ماڻهو علاج بدران سڄي عمر صحت جا ٻيا مسئلا ڀوڳيندا رهن ٿا.سنڌ ۾ هيپاٽائٽس کان وٺي ايڊز ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين جو وڏي پئماني تي ڦهلاءُ جو سبب به اهي عطائي ڊاڪٽر ئي آهن ۽ انهي عطائي ڊاڪٽرن جا سهولتڪار وري صحت سان لاڳاپيل اها انتظاميا آهي جيڪا پنهنجون ذميواريون نڀائڻ بدران ڪجهه پئسن جي عيوض انهن کان ڪن لاٽار ڪن ٿا يا انهن کي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻ جي ڄڻ ته اجازت ڏئي ڇڏين ٿا.سڄي دنيا صحت جون بهتر کان بهتر سهولتون پنهنجي عوام تائين پهچائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي اتي اسان جي صحت جون اختياريون وري عوام جي حياتين سان کيڏي پئسا ڪمائڻ واري ڌنڌي سان لڳل آهن .
اسان سمجهون ٿا ته انساني حياتين جي قيمت سڀني شين کان اتم هجڻ گهرجي ۽ ان کي اها اهميت ۽ حيثيت ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي ،حڪومت کي عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِنظر رکڻ گهرجي ٻيو ته انهي عطائي ڊاڪٽرن خلاف صرف وقتي ڪارروائي ڪرڻ بدران اهڙي اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيئن اڳتي ڪنهن به عطائي ڊاڪٽر کي سنڌ جي ڪنهن به ننڍي کان ننڍي شهر يا ٻهراڙي ۾ اسپتال کولڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي ۽ جيڪي انتظامي عملدار به انهي ڌنڌي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن انهن خلاف به سخت کان سخت قدم کڻڻ گهرجي جيئن ڪوبه ماڻهو غلط علاج جي ڪري پنهنجي حياتي نه وڃائي يا نه ئي وري سڄي عمر صحت جي مسئلي کي ڀوڳيندو رهي .