گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ واپاري فقير محمد عرف باشن کهڙو کي گوليون هڻي زخمي ڪري 20 لک ڦر ڪرڻ خلاف ڪمند جي واپارين ۽ مزدورن غلام علي سيال، حسين گل شاهاڻي، علي مردان شاهاڻي، لال سرور پٺاڻ، شيرمحمد ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه ڀر سان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جو چوڻ ته تعلقي گمبٽ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي. شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي. گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربندن خيرپور- لاڙڪاڻو روڊ تي واپاري فقير محمد کهڙو مٿان سڌي فائرنگ ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ 20 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس جوابدرن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واپاري کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.