لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ويز ورڪس اينڊ سروس ايمپلائيز يونين طرفان پورهيت اڳواڻ منظور احمد اهير کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ايمپلائز يونين هاءِ ويز جي ورڪر يونين جي اڳواڻن مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام قادر اهير، مرڪزي صدر قربان سومرو، سئينر وائيس چيئرمين دلشاد ڇڇڙو، سيئنر نائب صدر اياز حسين اهير، وائيس چيئرمين ديدار حسين کوکر، جوائنٽ سيڪريٽري الطاف حسين سانگي، پيرل دايو، مبين ٻرڙو، سکر، حيدر آباد، نئون شهرو فيروز، دادو، ميهڙ، قمبر شهدادڪوٽ ،سميت سموري سنڌ مان هاءِ ويز جي ورڪر، عهديدارن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته منظور احمد اهير مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري انهن جي تقدير ۾ خوشيون ڏياريون هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سخت ڏکائين سان گڏ جنرل ضياءَ جي مارشلا واري دور ۾ ڪوڙا کاڌا ۽ جيل ڀريو تحريڪ هلائي، ان جي جهدوجد رنگ لاتو ۽ هزارين هاءِ ويز جي ڪچن ملازمن کي ريگولر ڪرايو. ھنن وڌيڪ چيو ته منظور احمد اهير ملازمن کي حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ ملازمن کي حق ڏيارڻ سيکاريو. ان موقعي تي پورهيت اڳواڻ منظور احمد اهير جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.