گلاب لغاري ( ن پ ا) ڳوٺ ماڻڪ لغاري جي مشهور معزز شخصيت مولوي حاجي خليل الرحمان لغاري ڪجھه عرصو علالت ۾ رھڻ بعد اٽڪل 65 ورھين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۾ پير عبدالوحيد جان سرھندي جي امامت ۾ ادا ڪئي ويئي جنازي نماز ۾ ھر مڪته فڪر جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن بعد مرحوم جي مڙھ کي گلاب لغاري ڀرسان اباڻي قبرستان اگھم  ڪوٽ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.