پنوعاقل (ن پ ا) دادلوءِ ويجهو ڳوٺ مولا ڏنو ۾ زهريلي لسي پيئڻ سبب ست گهرڀاتي بيهوش ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته گهر اندر رکيل لسيءَ ۾ ڪرڙي ڪِري پئي هئي، بي خبريءَ ۾ لسي پيئڻ سبب محمد يامين، مائي شبيران، زاهده، صفييه، نينگر وحيدالله، ضميران ۽ آصف شيخ بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو. علاج بعد هوش ۾ اچڻ تي کين گهر روانو ڪيو ويو.