گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست:سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ضابطن تي عمل ڪيو وڃي:چيف جسٽس

0
197
جن ميمبرز جون استيعفائون

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران مارچ روڪڻ لاءِ امڪاني قدمن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن

چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ڌرڻن ۽ جلسن بابت سپريم ڪورٽ جا حڪمناما واضح آهن، سُپريم ڪورٽ ڌرڻا ڪيس ۾ ضابطا واضح ڪري چڪي آهي

ھن چيو تھ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ضابطن تي عمل ڪيو وڃي، درخواستگذار پهرين انتظاميا کان اجازت وٺي، عدالتي عام حڪمنامو جاري نٿي ڪري سگهي

ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مسئلو اجازت جو ناهي، ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته پُرامن احتجاج توهان جو آئيني حق آهي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ: 100قيدي وينز ۽ واڌو نفري اسلام آباد طلب