پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ: 100قيدي وينز ۽ واڌو نفري اسلام آباد طلب

0
210
پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ
پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ: 100قيدي وينز ۽ واڌو نفري اسلام آباد طلب

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا ٻين صوبن مان واڌو نفري طلب ڪري ورتي

ذريعن موجب مظاهرين کي منهن ڏيڻ ۽ ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي سيڪيورٽي لاءِ مجموعي طور تي 22 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، پنجاب پوليس جي 8 هزار اهلڪارن سميت 2 هزار بلوچ فورس طلب ڪئي وئي آهي، 500 عورت اهلڪار به سيڪيورٽي تي مقرر هونديون

اسلام آباد انتظاميا ايف سي جا 5 هزار آفيسر ۽ اهلڪار طلب ڪري ورتا آهن، رينجرز جي 2 هزار نفري طلب ڪئي وئي آهي، سنڌ پوليس جا 2 هزار اهلڪار اسلام آباد گهرايا ويا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميا مختلف صوبن مان 100 قيدي وينز به گهرايون آهن، ڳوڙها آڻيندڙ 15 هزار شيل به گهرايا ويا آهن

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت خلاف 25 مئي تي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي