ڪڪڙ( ن پ ا) ڪڪڙ لڳ بلوچستان مان آيل پاڻي ڳوٺ جو بچاءُ بند لوڙهي ڇڏيو. ڪڪڙ ڀرسان ڪاڇي جي علائقي سوين گھرن تي مشتمل ڳوٺ مريد ٻٻر ۾ بلوچستان کان آيل نيئين وسيلي برسات کي روڪڻ لاءِ ڏنل رنگ بند کي دٻاء ھئڻ ڪري اوچتو 20 فوٽ گھارو پيو. گھاري جو پاڻي ڳوٺ مريد ٻٻر اندر داخل ٿيڻ کانپوء اطلاع تي سوين  ڳوٺاڻن پاڻمرادو گھاري واري ھنڌ پھچي گھاري بند ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. ڳوٺ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو آھي پر گھارو پوڻ دوران آبپاشي عملو جوھي غائب رھيو رات جي وقت گھاري دوران ڳوٺاڻن جو ساه مٺ ۾ اچي ويو ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ت برساتي پاڻي ھفتي کان سڄي ڳوٺ مريد ٻٻر پاڻي جي لپيٽ ۾ آھي اسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ جي حفاظت لاء برساتي پاڻي داخل ن ٿيڻ ڪري رنگ بند ڏنو اسين آبپاشي عملي ۽ ضلعي دادو انتظآميان کي بندن جي حفاظت لاء  سامان گھريو پر انھن ڏيڻ لاء ڪاب زحمت نه ڪئي آھي جيڪڏھن اسين ڳوٺاڻا موقعي تي ن پھچون ھات سڄو  ڳوٺ  چوڌاري پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃي ھا ۽ ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ٿي سگھن ٿيون ۽ ڪروڙين روپين جو نقصان پڻ  ٿئي ھان اسين وري ب دادو ضلعي انتظاميان سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي ڳوٺ کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي ۽ جلد کان جلد مشينري مھيا ڪئي وڃي.