لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پارڪ لاءِ مختص ڪيل سرڪاري پلاٽ جو خانگي کاتو ٺاهڻ واري معاملي بابت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور طرفان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو لاڙڪاڻو محمد علي گوپانگ جي سربراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني انڪوائري ڪاميٽي طرفان روينيو کاتي جي سرويئر، ڪوٽوار ۽ وڏي منشي سميت ٻين جا بيان قلمبند ڪري اڄ خميس ڏينهن مختيارڪار لاڙڪاڻو سميت ٻين جا بيان قلمبند ڪيا ويندا. هوڏانهن لاڙڪاڻو پوليس طرفان سرڪاري پلاٽ جو خانگي کاتو ٺاهي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ سکر واسي بااثر کي لاڙڪاڻي جي سياسي بااثر جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد ڪالوني ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان پارڪ لاءِ مختص ڪيل 36 هزار چورس فوٽ ايراضي جو خانگي کاتو ٺاهي ڏيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر تپيدار وسيم سيال کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو هو ۽ اهڙي معاملي بابت پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پڻ آگاهي ڏني وئي هئي.