مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڪچي جي ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ برسات پوڻ سبب زميني رابطا ڪٽجي ويا، جنهن ڪري ڳوٺاڻن نينگر جو لاش برساتي پاڻي مان گذاري قبرستان تائين پهچايو، ان ڏس ۾ڳوٺاڻن مسڪين لغاري، عبدالحڪيم، نثار احمد، نجف علي، اياز علي ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ ۾ ٻن عورتن جا جنازا پاڻي مان گذاري نيا ويا، جڏهن ته ڪالهه نينگر فوت ٿي ويو، جنهن جو جنازو پڻ برساتي پاڻي مان گذاري قبرستان تائين پهچايو آهي، هنن چيو ته برسات سبب ڳوٺ تائين محدود ٿي ويا آهيون، ڪو رستو ناھي بچيو جو ٻاھر نڪري سگھون، هنن چيو ته دانهن باوجود برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي رستا بحال ڪرايا وڃن،