بدين (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا بدين شھر جي مختلف وارڊن ۾ شيراز جعفري سان ماءُ جي وفات ۽ حاجي عبدالرحمان ميمڻ سان سندس گھرواري جي وفات تي سندن تڏي تي وڃي تعزيتون ڪيون ان کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ھن چيو ته پي پي جي حڪومت سنڌ ۾ برساتن جي متاثر ماڻھن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي رڳو بدين ضلعي ۾ ھزارين ماڻھون ھڪ مھيني کان پنھنجي ڳوٺن ۾ گھرن تائين محدود آھن رود رستا پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب سندن شھرن ڏانھن اچ وڃ بند آھي جنھن جي ڪري کاڌ خوراڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي تعليمي ادارا اسپتالون پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جن کي ڪروڙين روپيا رين ايمر جنسي فنڊ ڏنو ويو آھي آھي روڊن تي بيھي فوٽو سيشن ڪري سب اوڪي جون رپورٽون موڪلي غريب متاثر ماڻھن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڪوڙا ووچر ٺاھي رھيا آھن. ھن چيو ته پي پي حڪمران عوام تي ايترو ظلم ڪن جيترو ھو اڳتي برداشت ڪري سگھن ھن چيو ته 28 آگسٽ تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن م عوام پي پي اميدوارن کي برساتي ٻوڏ ۾ لوڙھي ڇڏيندو.