ڪڪڙ (ن پ ا)ڪڪڙ لڳ نوجوان پرسرار نموني لاپتا ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ کيڙوابڙو جي 18ورھين جي نوجوان رشيد ابڙو ھڪ ڏينھن کان لاپتا آهي، جنهن ڪري وارث پريشان آھن. ان سلسلي ۾ گم ٿيل نوجوان جي ڀاء علي ابڙو چيو آھي ته منهنجو ڀاء رشيد ابڙو جيڪو اربع جي رات گھران دوستن سان گڏ ھوٽل تي نڪري چانھ پيئڻ ويو ۽ وري واپس گھر نه پھتوآھي. مسلسل ڳولا ڪرڻ باوجود ڀاء ھٿ نه آيو آھي، جنھن سبب اسين وارث پريشان آھيون. اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي ۽ نه ئي ڪنھن قوم پرست پارٽي سان سندن ڪو تعلق آھي. اسين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڀاء جي ڳولا ڪرڻ جي مدد ڪئي وڃي.