دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو گل شاخ پل تي پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ مهيم خان بروهي جو رهواسي نديم بروهي ۽ نجف علي بروهي کي پوليس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته رڙين تي ڳوٺاڻا پهتا، جنهن تي اهلڪارن ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، پوليس جي فائرنگ ۾ پير ۾ گولي لڳڻ سبب نجف بروهي زخمي ٿي پيو، واقعي خلاف ڳوٺاڻن جو ذاڪرحسين بروهي ۽ ٻين جي جي اڳواڻي ۾ گل شاخ پل تي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او تاجوديرو نوجوان کي ملغاڻي سمجھي بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بنا جواز فائرنگ ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ملغاڻي برادري جا ڪجهه شڪي ماڻهو بروهي ڳوٺ ۾ داخل ٿيا، جنهن تي ڪارروائي ڪئي.