سکر (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز نوابشاھ غلام مجتبيٰ دايو جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ حڪومت جي ھدايتن جي خلاف ورزي ۽ ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ وارين شڪايتن تي ڪنڊيارو ويجھو درٻيلو واري علائقي ۾ قائم ڀٽائي گرامر پبلڪ اسڪول تي ڇاپو ھنيو ويو، جِتي تدريسي عمل جاري ھو ۽ وڏي تعداد ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻيون اسڪول آيل ھئا، اھڙي صورتحال تي ڄاڻايل اسڪول جي رجسٽريشن معطل ڪري کين وارننگ پڻ ڏني وئي. غلام مجتبي دايو موجب ڄاڻايل اسڪول جي رجسٽريشن معطل ڪرڻ سان گڏ مٿس ڏنڊ پڻ لڳايو ويو آھي.