ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دائم خاصخيلي ۾  ڳوٺ ڌڻي 60 سالا  رئيس دائم خاصخيلي پنهنجو پاڻ کي سيني ۾  بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ، جڏهن ته سندس وارثن موجب فوتي ڪجھ ڏينهن کان بيمار هو ۽  سندس ذھني توازن درست نه هو جنهن ڪري هن پنهنجو پاڻ سيني تي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي ، جڏهن ته وارثن پاران لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ  کان انڪار ڪري ڇڏيو ، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمود خان پٺاڻ ٻڌايو ته وارث ڪابه ڪاروائي ڪرڻ نه ٿا ڏين . فوتي پيرسن زميندار هو سندس ٻني ۾ 2 ڪمپني جا ويل ( کوه ) به آھن.