ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ نينگري گهر اندر مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي. ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ ھاشم ننداڻي ۾ ھندو 16 ورهين جي پالي ڌي پرتاب ڪولهي گهر اندر ڳچي ۾ ٽيلي فون واري تار وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي وئي وارثن پوليس کي ٻڌايو ته اسان گهر ڀاتي ٻني جي ڪم تي ويل ھئاسين. ڌيءُ گهر ۾ ننڍن ڀائيرن کان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آھي پوليس ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو,