ڪراچي (نمائندن وٽان) گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن پاران مطالبا تسليم نه ٿيڻ خلاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ان ڏس ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران مورو جي اسپتال ۾ عملي پاران او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  مريض دربدر، علاج لاءِ واجھائيندا رھيا. دادو ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي راجا رفيق پنهور ، نثار احمد لاشاري ۽ صداقت سومرو ۽ محمد آچر پنهور جي اڳواڻي ۾ ملازمن پاران او پي ڊي جي ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي مظاهري ڪري اسپتال جي گيٽ آڏو بک هڙتال ڪئي ۽ چتاءُ ڏنو آهي ته جيسيتائين رسڪ الائونس ، سروس اسٽريڪچر ڏئي صحت کاتي جي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.ٺٽو ۾  صحت کاتي پاران ملازمن کي 2 هفتن جي گذرڻ باوجود رسڪ الائونس جي نوٽيفيڪشن جي جاري نه ٿيڻ خلاف ٻيهر صحت کاتي سول اسپتال ٺٽو جي ملازمن او پي ڊي جو 2 ڪلاڪ بائيڪاٽ جاري رکيو ويو. ملازمن چيو ته صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ڪراچي ۾ گرينڊ الائينس جي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري رسڪ الائونس ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ھئي، هنن چيو ته 2 ھفتا گذرڻ باوجود اڃان تائين نه رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي سگھيو آھي.لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هليٿ الائنس جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ توڙي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج طور ٻه ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪئي وئي.