ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور جي باءِ پاس روڊ لڳ ڪرن اسڪول ويجهو نامعلوم ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي نوجوان وزير ملاح کيزخمي ڪري وڌو، نوجوان کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب هو موٽرسائيڪل تان بيهوش ٿي روڊ جي ڪناري ڪري پيو، جنهن کي رستي تان ويندڙ واٽھڙو ڏسي کيس وارثن کي اطلاع ڪيو، ان بعد نوجوان جا وارث پهچي نوجوان کي بيهوشي ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدراباد سول اسپتال کڻائي ويا  جڏهن ته ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.