نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ برسات متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي لال جروار، ستار رند، سليم ڀنگر ايڊووڪيٽ، حسين سومرو، لطيف ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار متاثرن جي ڪا سار ناھي لڌي، جنھن سبب سنڌ جا ماڻھو بي يارو مددگار آھن، هنن متاثرن جي سهائتا جي گهر ڪئي.